اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفاقي محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي محتسب تائين پهچ کي وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ ق??م کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آه?? ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ان جي خدمتن مان فائدو کڻي سگهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ کيس وفاقي محتسب جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي. ملاقات دوران صدر کي ٻڌايو و??و ته وفاقي محتسب 2023ع ۾ سرڪاري کاتن جي بدانتظامي جي خلاف رڪارڊ 194099 شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي. وفاقي محتسب جي رپورٽ موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ سال 2023ع ۾ شڪايتن تي ڪارروائي ۾ 18 سيڪڙو اضافو ٿيو، مجموعي شڪايتن مان 193028 جو ازالو ڪيو ويو، سال 2022ع جي ڀيٽ ۾ شڪايتن جي ازالي ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيو. وفاقي محتسب ملاقات ۾ صدر کي محتسب جي ڪارڪردگي ۽ قدمن بابت آگاهه ڪندي چ??و ته وفاقي محتسب سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف شڪايت ڪندڙن کي فوري ۽ بنا معاوضي انصاف فراهم ڪري رهيو آه??. وفاقي محتسب چ??و ته سال 2023ع ۾ 49190 شڪايتون آن لائين مليون، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 47 سيڪڙو اضافو ٿيو، موبائيل ايپ جي ذريعي 22321 شڪايتون مليون جن ۾ سال 2022ع جي ڀيٽ ۾ 21 سيڪڙو اضافو ٿيو. صدر کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو و??و ته محتسب ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪيسن جو جلد ازالو ڪري رهيو آه?? جڏهن ته هو ڏرانهن علائقن تائين پهچ وڌائي رهيو آه??. وفاقي محتسب چ??و ته نئين علائقائي آفيسن، کلي ڪچهرين، تڪرارن جي غيررسمي حل ۽ انسپيڪشن ٽيمن جي دورن سان شڪايتن جي ازالي ۾ مدد ملي آه?? جڏهن ته شڪايتن جي داخلا ۾ اضافو ٿيو. صدر آصف علي زرداري کي ان ڳالهه کان به آگاهه ڪيو و??و ته وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ ۾ اوورسيز پاڪستانين جي آفيس رڪارڊ 202367 شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي آه??. ان موقعي تي صدر وفاقي محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ پهچ وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ ق??من جي ضرورت تي زور ڏنو.