بيجنگ – 14 – مئي (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ ??ازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۽ قومي ترقي جي ايجنڊا جي لاءِ نظرين ۽ صلاحيت کي استعمال ۾ آندو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ پاڪستاني پيشيور ماڻهن ۽ شاگردن جي هڪ انٽر ايڪٽو سيشن ۾ ڪيو. بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي اهتمام هيٺ ان تقريب ۾ چين ۾ رهندڙ پاڪستاني پيشيور ماڻهن ۽ شاگردن جي هڪ گروپ کي گڏ ڪيو و??و. ??رڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم پاڪستان سان اڻٿڪ وفا??ار?? ۽ وابستگي، ان جي غيرمعمولي قابليت، هنر ۽ پاڪستان ۽ چين ٻنهي جي سماجي اقتصادي ترقي ۾ انمول حصي??ار?? تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ساراه??و. ??ن پاڪستان حڪومت جي ٺوس سڌاراجاتي ايجنڊا جو خاڪو پيش ڪيو ۽ چيو ته خاڪي جو مقصد اوڳاڙين ۾ اضافي، ڪفايت شعاري کي فروغ ڏيڻ ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري کي استعمال ۾ آڻي اقتصادي ترقي ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ ??ازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۽ قومي ترقي جي ايجنڊا جي لاءِ ??نهن جي نظرين ۽ صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ??ڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي سينيٽر اسحاق ڊار ٻڌندڙن جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا. هن قومي اهميت جي ڪيترن ئي مسئلن خاص طور تي پاڪستان جي سماجي اقتصادي ترقي، پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي اهم ڪردار جي حوالي سان تجويزن جو نوٽيس ورتو ۽ ٻڌندڙن جي قيمتي ??صي??ت کي ساراهيندي هن پاڪستاني پروفيشنلز ۽ شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي. اسحاق ڊار چيو ته چين ۾ پنهنجي پنهنجي ا??ار?? ۽ ڪميونٽيز ۾ پاڻ کي پاڪستان جو نمائندو سمجهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جي پل جو ڪم ڪن.