اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت جي ڪار??با?? دوست پاليسين جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ٻاهرئين سيڙپڪارن ۽ ڪار??با??ي برادري کي ملڪ ۾ روزگار جي فراهمي، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر قسم جي معاونت فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مشر??با?? ٺاهيندڙ عالمي ڪمپنين ج?? وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪوڪا ڪولا پاڪستان ۽ افغانستان جي نائب صدر وولڪان اونگچ، سي اي او پيپسي ڪو پاڪستان ۽ افغانستان محمد کوسا جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي جڏهن ته ان موقعي ت?? وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، راڻا تنوير حسين، عبدالعليم خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وفد جي ميمبرن وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي ڪار??با?? دوست پاليسين تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. وفد آگاهه ڪيو ته عالمي مشر??با?? ٺاهيندڙ ڪمپنين جا پاڪستان ۾ 25 جي لڳ ڀڳ ڪارخانا آهن جن ۾ 1 لک 30 هزار ماڻهن کي سڌوسنئون روزگار فراهم ڪيو وڃي ٿو. وفد وزيراعظم کي ڪمپنين پاران ملڪ ۾ ري سائيڪلنگ جي سڀ کان وڏي ن??ام جي حوالي سان آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻڌايو ويو ته اهي ڪمپنيون ملڪي خزاني کي ٽيڪس جي مد ۾ هر سال وڏو حصو ادا ڪن ٿيون. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين سيڙپڪارن ۽ ڪار??با??ي برادري کي ملڪ ۾ روزگار جي فراهمي، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر قسم جي معاونت فراهم ڪري رهي آهي. اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته حڪومت جي ڪار??با?? دوست پاليسين جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته عالمي ڪمپنيون ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي (CSR) تحت سرگرمين سان پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي عالمي ڪمپينن جي تجويزن تي مشاورت کانپوءِ انهن جي مسئلن جو حل جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.