اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايران جي سفارتخاني جو دورو ڪيو جتي هن ايران ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر جو ايراني صدر جي شهادت تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران گهري ڏک جو اظهار ڪيو. ان ??وقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پوري قوم ايراني صدر جي شهادت تي ڏکويل آهي، ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، ايراني صدر ??ي ??هادت اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ عظيم نقصان آهي، صدر ابراهيم رئيسي هڪ نيڪ انسان، عالم ۽ پاڪستان جو عظيم دوست هو، صدر ابراهيم رئيسي ج?? شهادت سان ??سلمان امت هڪ عظيم اڳواڻ کان ??حروم ٿيو ئي آهي. وقتي صدر پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مغدم سان ??ڻ ملاقات ڪئي ج??هن ۾ ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ ادبي رابطي تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي رابطا ۽ پارلياماني مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستان سان ??اڳاپن جو فروغ ايران جي پرڏيهي پاليسي ج?? بنيادي جز آهي، ايران جي سپريم ليڊر پاڪستان سان ??اڳاپن جي فروغ تي خصوصي زور ڏنو. هن چيو ته مرحوم صدر رئيسي ج?? پاڪستان جو تازو دورو ان ڏس ۾ هو. ايراني سفير تعزيتي پيغامن، ايراني عوام جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيا. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايراني سفارتخاني ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ تعزيتي تاثر پڻ لکيا.