اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي صحافين جي تحفظ جي لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ جي م??فق?? طور تي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سيد علي ظفر جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ 10 جولاءِ 2024ع تي ٿيندڙ ڪميٽي جي اجلاس جي منٽس جي منظوري، 20 نومبر 2023ع تي منعقد ٿيندڙ سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر ڊاڪٽر زرقا سهروردي تيمور پاران ??يش ڪيل ”معلومات تائين پهچ جو حق (ترميمي) بل 2023ع“ بابت پرائيويٽ ميمبر بل جو جائزو، 25 جنوري 2021ع تي منعقد ٿيندڙ سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر منظور احمد پاران ??يش ڪيل ”معلومات تائين پهچ جو حق (ترميمي) بل 2020ع“، 31 جنوري 2022ع تي منعقد ٿيندڙ سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا پاران ??يش ڪيل صحافين ۽ م??ڊي?? پروفيشنلز جي تحفظ جو (ترميمي) بل 2022ع بابت پرائيويٽ ميمبر بل کانسواءِ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 19 ۽ 19 اي جي روشني ۾ هتڪ عزت جي قانون، مقصدن ۽ ان جي مستقبل جي حوالي سان ??عاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اسٽينڊنگ ڪميٽي سينيٽر سليم مانڊوي والا جي متعارف ڪرايل بل جي شق ڊي – 20 کان ??ٺي سمورين شقن جو جائزو وٺندي بل کي ڪيترين ئي ترميمن سان گڏ منظور ڪري ورتو. اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ صحافين، م??ڊي?? پروفيشنلز جي تحفظ ۽ معلومات تائين پهچ جي حق بابت ضروري ترميمي بلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪميٽي جي چيئرمين جي خصوصي دعوت تي پاڪستان جي ناليوارن صحافين جهڙوڪ محمد مالڪ کانسواءِ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ م??ڊي?? جي نمائندن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ترميمي بلن تي پنهنجون تجويزون ڏنيون. صحافين ۽ م??ڊي?? پروفيشنلز جي تحفظ جي حوالي سان ڪميٽي اتفاق ڪيو ته صحافي ۽ م??ڊي?? پروفيشنلز رياست جو چوٿون ٿنڀ يعني م??ڊي?? جا نمائندا آهن تنهن ڪري رياست جي ذميواري آهي ته اها انهن کي جسماني تشدد، گرفتارين ۽ جبري گمشدگين وغيره کان تحفظ فراهم ڪري. سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي صحافين جي تحفظ جي لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ جي م??فق?? طور تي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي وڌيڪ تجويز ڏني ته م??ڊي?? پروفيشنل ۽ پي ايف يو جي جا نمائندا اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سان گڏجي هڪ مسودو تيار ڪن ۽ صحافي جي سرڪاري تعريف بيان ڪن. ڪميٽي پنجاب اسيمبلي مان ??نظور ڪيل هتڪ عزت ايڪٽ تي پڻ غور ڪيو. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته ان ??انون جا ملڪ گير اثر آهن ان جي لاءِ ڪميٽي ۾ ان تي بحث جي ضرورت آهي. ان تي سينيٽر پرويز رشيد مخالفت ڪندي چيو ته هڪ صوبو قانون ٺاهي چڪو آهي اسان کي پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل کي ٻڌڻ گهرجي. ڪميٽي مشورو ڏنو آهي ته م??ڊي?? پروفيشنلز سمورين ڌرين جي اتفاق راءِ سان ان سلسلي ۾ هتڪ عزت ايڪٽ 2002ع جو مسودو ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪن. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ 10 جولاءِ 2024ع تي ٿيندڙ ڪميٽي اجلاس جي منٽس جي م??فق?? طور تي منظوري ڏني وئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ 20 نومبر 2023ع تي منعقد سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر ڊاڪٽر زرقا سهروردي تيمور جي معلومات تائين پهچ جو حق (ترميمي) بل 2023ع بابت پرائيويٽ ميمبر بل جي حوالي سان سينيٽر زرقا تيمور سهروردي چيو ته وزارت پاران ??وڪليل ڊرافٽ کي پڙهي ورتو آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سان گڏجي ان جو جائزو ورتو ويندو ۽ ايندڙ ڪميٽي جي اجلاس ۾ مسودو فراهم ڪيو ويندو ته جيئن اسٽينڊنگ ڪميٽي ان جو تفصيلي جائزو وٺي سگهي جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ قانون واري وزارت جا عملدار سينيٽر زرقا تيمور سهروردي سان گڏ بل جو جائزو وٺي ڪميٽي کي مسودو فراهم ڪن. سينيٽر منظور احمد جي معلومات تائين پهچ جي ترميمي بل جي حوالي سان ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته سينيٽر منظور احمد ايندڙ اجلاس تائين ان کي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي ايندڙ اجلاس تائين اها ايجنڊا ملتوي ڪري ڇڏي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سيد علي ظفر، سينيٽر پرويز رشيد، سينيٽر محمد طلال بدر، سينيٽر عبدالشڪور خان، سينيٽر جان ??حمد، سينيٽر ڊاڪٽر زرقا سهروردي، سينيٽر سليم مانڊوي والا کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.