اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) مسلم ل??گ (ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناالله پارلياماني وفد سان گڏ پارليامينٽ لاجز ۾ بلوچستان نيشنل پ??رٽ?? جي سربراهه سردار اختر مينگل سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، سينيٽر عثمان باديني، اعجاز ج??راڻي ۽ خالد مگسي شامل هئا. ملاقات کان پوءِ راڻا ثناالله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سردار اختر مينگل اسان جو ڀاءُ ۽ سينئر سيا??تد??ن آهي، بلوچستان ۾ سندس پ??رٽ?? جي وڏي اهميت آهي. هن چيو ته سردار اختر مينگل جو فيصلو سرپرائيز هو، اڄ اسان ان سان ويهي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آيا آهيون، سندس جيڪا به ناراضگي آهي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.