اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سڄي ملڪ مان بهترين ٽيلينٽ جي عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي هڪ اعزاز آهي، حڪومت ملڪ ۾ فٽ بال جي ??ان?? جي واڌويجهه جي لاءِ مڪمل مدد ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تازو ئي ناروي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ بهترين ڪارڪردگي رکندڙ اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪپتان محمد عديل، ٽاپ اسڪورر محمد ڪاشف، ٽيم مئنيجر سيد محمد اويس، مسلم هينڊز جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيد جاويد گيلاني، ڊائريڪٽر گلوبل آپريشنز ارسلان نصرت، ڪميونيڪشن ڊائريڪٽر محمد ريحان طاهر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، چيئرمين وزيراعظم يوٿ پروگرام راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ بدر شهباز سان گڏوگڏ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ٽيم جا ??ان??يگر پوري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪر?? رهيا آهن، توهان سڀ ??ان??يگر پاڪستان جا روشن ستارا آهيو، توهان جي بهترين ڪارڪردگي ان ڳالهه جي گواهي ڏي ٿي ته پاڪستاني نوجوانن کي موقعو ملي ته اه?? پوري دنيا ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائين ٿا. هن چيو ته ح??ومت پوري طرح سان توهان جي مدد ڪندي، پاڪستان ۾ فٽ بال جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، ??ما?? جلد پاڪستان ۾ فٽ بال جي ترقي جي لاءِ هڪ جامع پلان لاڳو ڪرڻ جي شروعات ڪنداسين. وزيراعظم مسلم هينڊز جي پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال جي ترقي جي لاءِ قدمن کي ساراهيو. ??ان??يگرن وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم کي مسلم هينڊز پاران پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال جي لاءِ قدمن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ترجيحي بنيادن تي محڪماڻي ??ان??ين کي مڪمل طور تي بحال ڪر?? رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.