اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافي جي لاءِ تيزي سان ??ڌارا جاري آهن، حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئي?? سيڙپڪاري جي راهه ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پيٽروليم شعبي سان ??علق رکندڙ عالمي شهرت يافته ڪمپني گنور گروپ جي چيئرمين توربيون تورنقوسٽ ۽ ٽوٽل انرجيز جي ريجنل وائيس پريزيڊنٽ مهمت جيليپوعلو سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته الحمدالله ??اڪ??تان ??ي معيشت مستحڪم ٿي ترقي جي راهه تي گامزن آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافي جي لاءِ تيزي سان ??ڌارا جاري آهن، اسان ??ي معاوشي ۽ ڪاروباري پاليسين جي مثبت ثمرن جو سلسلو جاري آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئي?? سيڙپڪاري جي راهه ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪري رهي آهي. گنور گروپ جي چيئرمين توربيون تورنقوسٽ ??اڪ??تان ??ي پيٽروليم سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گنور گروپ ??اڪ??تان ۾ ٽوٽل پارڪو جي 50 سيڪڙو شيئرز جو معاهدو ڪري چڪي آهي. گنور گروپ جي چيئرمين چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ ??اڪ??تان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ مثبت قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گنور گروپ کي ??اڪ??تان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.