اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري منڪي پاڪس کي عالمي ايم??جن??ي قرار ڏيندي تر??ي يافته مُلڪن کي اڳيان اچڻ جي اپيل ڪئي آهي، منڪي پاڪس 1958ع ۾ پھريون ڀيرو باندرن ۾ ڏٺو ويو، هِن سال پاڪستان ۽ سويڊن ۾ هڪ هڪ مريض ۾ منڪي پاڪس جي بيماري ظاهر ٿي آهي، نامياري سرجن ڊاڪٽر مُرلي ڌر منڪي پاڪس جي حوالي سان اي پي پي کي ٻُڌايو ته ايم پاڪس وڏي ماتا وانگر آهي پر ان کان گھٽ نقصانڪار آھي، هِن بيماري ۾ بخار، ڏڪڻي ۽ جسم ۾ سور شروع ٿئي ٿو، ٽن چئن ڏينھن کانپوءِ ??اڻ?? نڪرڻ شروع ٿين ٿا، سڀ کان آخر ۾ ھٿن ۽ پيرن جي تر??ن تي ??اڻ?? نڪرن ٿا. ڊاڪٽر مُرلي بيماري جي ڦهلجڻ جي حوالي سان چيو ته اھا بيماري چمڙي کي چمڙي سان رڳڙڻ سان منتقل ٿئي ٿي، کنگھ ۽ نڇ وسيلي پڻ اها بيماري پکڙي ٿي، هِن چيو ته آمريڪا جي انفيڪشن تي ضابطي واري اداري سي ڊي سي موجب اھو وائرس هِن وقت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پکڙجي چُڪو آھي ۽ ان ۾ 160 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته موت جي شرح 19 سيڪڙو آهي، هِن چيو ته اڳ ۾ ايم پاڪس جي حملي سان چھري تي ??اڻ?? ظاهر ٿيندا هُئا، جڏهن ته نئين وائرس ۾ ا??ي ??اڻ?? انسان جي جسم جي جُڳهن هنڌن تي نڪرن ٿا جنهن جي ڪري ماڻهُوءَ ان کي لڪائي ڇڏين ٿا ۽ ڏيکارڻ ۾ عيب سمجهن ٿا، جنهن سان هِن مرض ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جڏهن ته ڊبليو ايڇ او موجب هِن وقت اھو وائرس چئن آفريڪي ملڪن ۾ پھچي چڪو آھي۔ جڏهن ته پاڪستان ۽ سويڊن ۾ پُڻ ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته صحت جي عالمي اداري هِن بيماري تي ضابطو آڻڻ لاءِ تر??ي يافتا ملڪن کي اڳتي اچڻ جي اپيل ڪئي آهي. جڏهن ته سي ڊي سي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر جين ڪيسيا چيو آهي ته ادارا متحرڪ ٿين گڏجي ڪم ڪن پنھنجا وسيلا استعمال ڪن. صحت جي عالمي اداري مُوجب هيستائين مُختلف ملڪن ۾ 99518 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان 208 موت جو شڪار ٿيا، جڏهن ته ان مرض جي سُڃاڻپ لاءِ جين ايڪسپرٽ ??ي ??ي آر ٽيسٽ وڏي مددگار آھي، اھو وائرس وچڙڻ جي ھڪ کان ايڪويھن ڏينھن کان پوءِ بخارن سنڌن جو سور، ڳلي ۾ سور شروع ٿيندو آھي، ڊاڪٽر مُرلي ڌر وڌيڪ چيو ته اھو وائرس انسفيلائٽس به ڪري ٿو، ايم??جن??ي ۾ ويڪسين جو استعمال ماڻھن کي بچائيندو ايل سي 16 ۽ ايم وي اي- بي اين ويڪسين ام??جن??ي ۾ ڪارائتيون آھن.