اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ اي اي اي جي بورڊ آف گورنرز جي ميمبر طور پاڪستا?? جي چونڊ ائٽمي توانائي جي پرامن استعمال کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ عالمي اداري جي پاليسين ۽ پروگرام?? جي جوڙجڪ ۾ ا?? جي مثبت ڪردار کي فروغ ڏيڻ ۽ ا?? جي مقصدن سان پاڪستا?? جي پراڻي وابستگي جو اعتراف آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ چئي وئي. بيان موجب پاڪستان کي ٻن سال?? جي مدي 2024ع کان 2026ع تائين انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (اي اي اي اي) جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر چونڊيو ويو آهي، ويانا ۾ آءِ اي اي اي جي جنرل ڪانفرنس جي 68 هين اجلاس ۾ وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي خطن سان پاڪستان کي هلندڙ مهيني شروع کان شروع ٿيندڙ مدي جي لاءِ اتفاق راءِ سان چونڊيو ويو آهي. اهو آءِ اي اي جي بورڊ آف گورنرز تي پاڪستان جو 21 هون مدو آهي. پاڪستا?? جي چونڊ ائٽمي توانائي جي پرامن استعمال کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ آءِ اي اي جي پاليسين ۽ پروگرام?? جي جوڙجڪ ۾ ا?? جي مثبت ڪردار کي فروغ ڏيڻ ۽ آءِ اي اي اي جي مقصد?? جي لاءِ ا?? جي پراڻي وابستگي جو اعتراف آهي. پاڪستان انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جو باني ميمبر آهي ۽ هن ايجنسي سان ائٽمي توانائي جي پرامن استعمال تي پراڻي ۽ گڏيل طور تي لاڀائتو تعاون ڪيو آهي. پاڪستان انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي ريز آف هوپ قدم تحت سينٽر فار ڪينسر ڪيئر کانسواءِ خوراڪ ۽ زراعت، نيوڪليئر سيفٽي اينڊ سيڪيورٽي، واٽر ريسورس مئنيجمينٽ ۽ جديد نيوڪليئر ٽيڪنالاجي ايپلي ڪيشنز جي شعبن ۾ چار مرڪز هلائي ٿو. وڌيڪ اهو ته پاڪستان ۾ 3530 ميگاواٽ صاف توانائي جي صلاحي?? سان 6 آپريٽنگ نيوڪليئر پاور پلانٽس آهن جڏهن ته1200 ميگاواٽ جو هڪ ٻيو نيوڪليئر پاور پلانٽ تعمير هيٺ آهي. بيان موجب پاڪستان ايجنسي جي فني تعاو?? جي پروگرام ۽ تعاو?? جي فريم ورڪ جي ??ري??ي انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جيميمبر ملڪن سان ائٽمي توانائي جي پرامن استعمال ۾ پنهنجي تجربي ۽ مهارت جي حصيداري ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هلندڙ مهيني جي شروع ۾ پاڪستان کي نيوڪليئر سيفٽي جي ڪنوينشن (سي اين ايس) جي ڏهين جائزه اجلاس جي لاءِ پڻ صدر چونڊيو ويو هو.