لنڊ?? – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ ديني ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل تاريخي لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ سعودي ع??ب مشڪلاتن ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان جي معيشت جي تازي استحڪام ۾ تعاون جي لاءِ سڄي قوم سعودي ع??ب جي ٿورائتي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سعودي ع??ب جي 94هين قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت ۾ سعودي ع??ب 21هين صديءَ جي ع??يم ملڪ جي حيثيت سان اڀريو آهي، سعودي ع??ب جو ويزن 2030ع سڄي دنيا جي لاءِ مثالي ??مونو آهي. اڄ جي دور ۾ سعودي ع??ب ڪاروبار، ٽيڪنالاجي، معيشت ۽ ٻين شعبن ۾ اسرندڙ ملڪن جي مثالي ??يادت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ ديني ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل تاريخي لاڳاپا آهن. پاڪستان ۽ سعودي ع??ب مشڪلاتن ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. پاڪستاني معيشت جي تازي استحڪام ۾ تعاون جي لاءِ سڄي قوم سعودي ع??ب جي ٿورائتي آهي. پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا سدائين قائم رهندا.