راولپنڊي-04 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان ڪالهه هتي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن اسٽريٽجڪ مفادن، علائقائي سلامتي ۽ دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم جي ملاقات ۾ پاڪستان، ملائيشيا ٻطرفن لاڳاپن خاص ڪ??ي فوجي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ??ري?? ويو. ملائيشيا جي وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ پاڪ فوج جي ڪردار ۽ دهشتگردي سان جنگ ?? به پاڪستاني فوج جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ دهشتگردن خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين جو اعتراف ڪيو. ملائيشيا جي وزيراعظم آرمي چيف کي ملائيشيا جي دوري جي دعوت ڏني جنهن تي آرمي چيف سندس ٿورو مڃ??و، جڏهن ته ملاقات ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته دوري سان ٻنهي ملڪن ۽ فوج وچ ۾ پائيدار ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ايوان صدر ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم جي اعزاز ۾ منعقد تقريب ?? به شرڪت ڪئي.