اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير انجنيئر خ??لد بن عبدالعزيز الفالح جي ??يادت ۾ اعليٰ سطح جو سعودي وفد 9 کان 11 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. اها ??ال??ه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته وفد ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ادارن جا نمائندا شامل هو??دا. هن چيو ته سعودي وفد جي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات طئي آهي، ان دوري جو مقصد ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي حصيداري کي مثبت تحرڪ ڏيڻ آهي. ترجمان چيو ته هي دورو وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ولي عهد ۽ سعودي عرب جي ??زيراعظم محمد بن سلمان جي ??چ ۾ اپريل 2024ع ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??چ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جي ??اءِ طئي ٿيندڙ مفاهمت کانپوءِ ٿي رهيو آهي.