اسلام آباد – 10 – آڪٽ??بر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 10 ۽ 11 آڪٽ??بر تي ترڪمانستان جو دورو ڪندو. ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب صدر اشڪ آباد ۾ منعقد ??يندڙ ”وقت ۽ تهذيب جا گڏي?? لاڳاپا – امن ۽ ترقي جو بنياد“ جي موضوع تي عالمي فورم ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪمانستان جو دورو ڪندو، عالمي فورم جو انعقاد ترڪمانستان جي عظيم مفڪر، شاعر ۽ فلسفي مگتيمگلي فراگي جي 300هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڪيو پيو وڃي. بيان موجب فورم ۾ صدر آصف علي زرداري خطي جي لاءِ امن، اتحاد ۽ ترقي جي قدرن جي اهميت کي اجاگر ڪندو. اميد آهي ته هو فورم جي موقعي تي ترڪمان قيادت سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.