دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قطر واپار، سيڙپڪاري، توان??ئي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي فروغ ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي عز?? جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان دوحه ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ڪئي. ان کا?? اڳ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ نويڪل??ئي ۾ ملاقات پڻ ٿي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي وسيع معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪ – قطر لاڳاپن جي سمورن رخن جو تفصيلي جائزو ورتو. واپار، سيڙپڪاري، توان??ئي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ نئين ممڪن تعاون تي پڻ غور ڪيو ويو. ڌرين گڏيل اقتصادي هدفن ۽ علائق??ئي استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي اسٽريٽجڪ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عز?? جو ورجاءُ ڪيو. هن گڏيل دلچسپي جي علائق??ئي ۽ عالمي معاملن خاص طور تي اسرائيل پاران بيگناهه فلسطينين جي خلاف جاري نسل ڪشيءَ جي جنگ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم 24 سيپٽمبر 2024ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين سالياني اجلاس دوران قطر جي امير پاران پيش ڪيل فلسطين جي معاملي تي قطر جي موقف کي ساراهيو. هن فو??ي جنگبندي جي لاءِ قطر جي ثالثي ۽ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته غزه م قتل عام جي فو??ي خاتمي ۽ امن قائم ڪرڻ کا??سواءِ دنيا ۾ خوشحالي حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي. هن چيو ته فلسطين ۾ جاري اسرائيل جي تازي ڏاڍ جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات دوران فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ وڌيڪ امدادي سامان جي پهچ کي جاري رکڻ جي اهميت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم قطر جي امير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو قطر جو دورو ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ مسلسل مضبوط ٿيندڙ حصيداري ۽ تعاون کي سگهه ڏيڻ ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل آهي.