اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) ڪورونا جي وبا کانپوءِ ملڪ ۾ ثقافتي سرگرميُون شروع ٿي ويون آهن، سردي جي رُت اچڻ سان ثقافتي سرگرميون وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ لوڪ ميلا سان شروع ٿي ويون آهن?? اسلام آباد ۾ لوڪ ميلو 6 کان 15 نومبر تائين جاري رهند??، لوڪ ميلي جي روزاني سرگرمين ۾ هر صوبو پنهنجي ثقافت جي عڪاسي ڪندو آهي، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽ پاران روز پتلي تماشو به منعقد ڪيو ويند??، لوڪ ميلي دوران بغير ماسڪ داخلا منع آهي، سالياني ثقافتي ميلي جو افتتاح تعليم تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود ڪيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته ڪورونا جي ڪري هن ??ال وڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي، هن چيو ته ڪورونا جي حالتن ۾ ايس او پ??ز سان ميلي جو انعقاد تعريف جي قابل آهي، لوڪ ورثه ثقافت جي رنگن کي پنهنجي اندر سمائي رکي ٿو، هن ??ديد دور ۾ ڪيترائي ساز ۽ روايتون اڻ لڀ ٿي رهيون آهن، وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته اسان کي انهن ??وايتن کي سنڀالي رکڻو آهي، ۽ اهو واعدو ڪرڻو آهي ته ڪنهن ??ه ورثي کي ختم ناهي ٿيڻ ڏيڻو.