اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪس سڌارن ??و مقصد ٽيڪس جي نظام کي آسان بڻائڻ آهي، سڌارن ??ان ٽيڪس جي نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪيو ويندو، ٽيڪس نظام اهڙي طرح ترتيب ڏنو وڃي ته ڪاروبار آسان ۽ معيشت ترقي ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ٽيڪس سڌارن ??ابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ن??ڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جو واپار وارو خصوصي صلاحڪار عبدالرزاق ??ائ??د، وزيراعظم جو خصوصي مددگار ڊاڪٽر عشرت حسين، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، ن??يم بابر، سيڙپڪاري بورڊ وارو چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٽيڪس سڌارن ??و مقصد ٽيڪس جي نظام کي آسان بڻائڻ ۽ نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪرڻ آهي.