اسلام آباد – 30 اپريل (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سي?? سان پاڪس??ان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر ملاقات ڪئي. برطانوي هاءِ ڪمشنر وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ته هلندڙ سال جي ٻي ڇهه ماهي ۾ برطانوي مردن ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي پاڪس??ان جي دوري جو منصوبو ٺاهي رهيا آهيون، ان دوران برطانوي ميوزيڪل بينڊ به پاڪس??ان جو دورو ڪندو. وفاقي وزير چوڌري فواد ??سي?? برطانوي مردن ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۽ ميوزيڪل بينڊ جي پاڪس??ان جي دوري جي آجيان ڪندي چيو ته راندين سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن جي لاءِ اها هڪ سٺي خبر آهي، شهرين کي وڌيڪ هڪ اسپورٽس تفريح جو ماحول ميسر ايندو، وفاقي وزير چوڌري فواد ??سي?? پاڪس??ان جي 75 هين يوم آزادي جي مناسبت سان پاڪ برطانيه گڏيل پروڊڪشن ۽ دستاويزي فلمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وفاقي وزير ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جي قيام لاءِ ح??ومت جي قدمن کان برطانوي هاءِ ڪمشنر کي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته برطانيه جي اعليٰ يونيورسٽين وانگر ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ٺاهڻ جي لاءِ برطانوي مدد گهربل آهي، وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي رابطن کي فروغ ڏيڻ لاءِ فلم جي تياري ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.