اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان السعود ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل لا??اپ?? جي سمورن شعبن ۾ لا??اپ?? جي موجوده سطح کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪندي واپار ۽ معيشت جي شعبي ۾ وڌ??ڪ اڳڀرائي لاءِ ٻطرفي لا??اپ?? کي اداره جاتي سطح تي هموار ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. صدر سعودي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان لا??اپ?? کي خصوصي اهميت ڏئي ٿو ۽ ڀائر ملڪ سان معاشي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته سعودي قيادت جو ويزن 2030ع، سرسبز سعودي عرب ۽ سرسبز وچ اوڀر منصوبو لائق تحسين آهي، صدر چيو ته ڪورونا جي دوران پاڪستاني ڪميونٽي جو خيال رکڻ تي سعودي قيادت جو ٿورائتا آهيون، عالمي وبا جي دوران حج جي ڪامياب انتظامن تي سعودي حڪومت مبارڪباد جي مستحق آهي، صدر ملاقات ۾ ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معصوم مسلمانن تي ڀارتي ظلم ۽ ستم تي روشني وڌ?? ۽ چيو ته عال??ي برادري ڪشمير ۾ ڀارتي انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪرائي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرني کي خودمختياري وارو حق ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سعودي پرڏيهي وزير کي خادمين حرمين شريفين، شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ تنمائن جو پيغام به ڏنو، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سعودي پرڏيهي وزير جي دوري سان ٻطرفي لاڳاپا وڌ??ڪ مضبوط ٿيندا. ان موقعي تي سعودي پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حقيقي طور تي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، سعودي عرب ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح کي برقرار رکڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته سعودي قيادت پاڪستان سان لا??اپ?? کي خصوصي اهميت ڏئي ٿي ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لا??اپ?? کي وڌ??ڪ فروغ ڏيڻ جي خواهشمند آهي.