اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياحت جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا جي ??ڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وڏي وزير وزيراعظم کي مختلف ضلعن ۾ جاري سياحتي سرگرمين ۽ ايندڙ ملڪ ۽ غير ملڪي سياحن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ مسئلن جي ازالي لاءِ کنيل حڪومتي قدمن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. خيبرپختونخوا صوبي ۾ سياحن کي بهترين سهولتون ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي ان کانسواءِ سياحت جي ??روغ لاءِ ڏنل روڊ ميپ موجب ترقي??تي منصوبن ۽ قدمن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم کي ضم ٿيل ضلعن ۾ جاري ترقي??تي منصوبن تي اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان سياحت جي ??روغ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته سياحت جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، هن چيو ته سياحت جي ??روغ سان نه رڳو مقامي علا??قن ۾ معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون پر ملڪي معيشت تي به مثبت اثر پوندا.