اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت مسلسل حليم عادل شيخ کي نشانو بڻا??ي رهي آهي، پيپلزپارٽي ان کان ڊنل آهي ته هو سدائين انهن جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪندو رهندو آهي. پنه??جي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سنڌ پوليس ۽ انتظا??يا کي گهرجي ته اهي فوري طور تي ان معاملي جو نو??يس وٺن، ذميوارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ذميوارن کي ڍر ڏيڻ جو مطلب واضح آهي ته اهي توهان جا تربيت يافته ماڻهو آهن.