اسلام آباد ??? پ??رين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي وڏي نعمت آهي، ميڊيا مثبت تنقيد جي ذريعي حڪومت ۽ ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۾ معاونت ڪري.”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ نجي ٽي وي چينل جي صحافي حبيب اڪر?? سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته آز??د ميڊيا کان ڊڄندڙ حڪمرانن کي قانون ٽوڙڻو هوندو آهي ان لاءِ اهي گهٻرائين ٿا ۽ يا پوءِ ڪرپٽ عملدار آز??د ميڊيا کان ڊڄن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن مون چوري ڪئي هجي ته پوءِ آز??د ميڊيا کان ڊڄندس. وزيراعظم عمران خان چيو ته ميڊيا جو ڪم مثبت هجڻ گهرجي، غلط اطلاع کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ مثبت تنقيد ذريعي حڪومت ۽ ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي تمام وڏي نعمت آهي.