اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ج?? خصوصي هدايتن تي هلندڙ سال سڄي ملڪ ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ شاندار طريقي سان ملهايو ويو، خاتم النبيين حضرت محمد ﷺ جي يوم ولادت جي موقعي تي ڏينهن ج?? آغاز فجر جي ادائيگي تي ملڪي س??امتي، ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ والاريل فلسطين ج?? جلد آزادي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيو. ان موقعي تي سڄي ملڪ جي مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ قرآن خواني ڪئي وئي، جڏهن ته پاڻ سڳورن ج?? زندگي مبارڪ جي روشني ۾ ملڪي بقاءَ، ملڪ جي س??امتي، قومي استحڪام، نطرياتي ۽ جاگرافيائي سرحدن ج?? حفاظت، اسلام جي سربلندي، آئين ۽ قانون ج?? بالادستي، اتحاد بين المسلمين، بين المذاهب هم آهنگي، اتحاد ۽ اتفاق، ڀائيچاري جي فضا جي فروغ، مستقل بنيادن تي امن ج?? بحالي، دهشتگردي، انتهاپسندي، بدام??ي، غربت، بيروزگاري، مهانگائي جي خاتمي، عوامي ڀلائي ۽ قومي خوشحالي جون خصوصي دعائون به ڪيون ويون. وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ 21 ،21 توپن جي س??امي ڏني وئي، جشن عيدميلاد النبي صه ڀرپور مذهبي عقيدت ۽ احترام ۽ ان عزم سان ملهايو پيو وڃي ته نبي آخر الزمان صه جي تعليمات کي ڀرپور انداز ۾ عام ڪيو ويندو. عيد ميلاد النبي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ محفلن، جلسلن ج?? سلسلو شروع ٿي ويو آهي، سمورين تقريبن ۾ ڪورونا ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪيو پيو وڃي.