اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي مير عبدالقدوس بزن??و کي بلوچستان جو وڏو وزير چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته بلوچستان جو نئون چونڊ??ل وڏو وزير مير عبدالقدوس بلوچستان جي روشن مستقبل جي اُميد آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب هن چيو ته مير عبدالقدوس بزنجو بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ ماضي ۾ به مير عبدالقدوس بزنجو جي بلوچستان جي عوام لاءِ سياسي ۽ سماجي خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته نئون چونڊ??ل وڏو وزير سمورن صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي گڏ کڻي هلندو ۽ گڏيل مشاورت ۽ هم آهنگي سان بلوچستان صوبي جي ترقي جي ن??ين دور جو آغاز ٿيندو.