اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ قوم کي اقتصادي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندو ۽ مهانگائي ??ي حوالي سان پئڪيج جو اعلان ڪ??دو، پنجاب ۾ ميئر جون چونڊون سڌوسنئون ٿينديون، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ مسلسل اضافي تي ڳڻتي آهي، توانائي ??ي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري رهيا آهيون، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي ان پئڪيج مان سڌوسنئون فائدو کڻندي، اعظم سواتي ۽ منهنجي خلاف اليڪشن ڪ??يشن جا نوٽيسز بي بنياد ۽ ناانصافي تي ٻڌل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??ور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته تحريڪ انصاف جي ??ور ڪميٽي جي اجلاس ۾ مهانگائي ۽ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ٻن بنيادي ايجنڊائن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ مهانگائي ??ي حوالي سان هڪ وڏي پئڪيج جو اعلان ڪ??دو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي فائدو کڻندي. اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته اسان کي عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ مسلسل اضافي تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته اسان توانائي ??ي بحران کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪري رهيا آهيون. پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جي ??ونڊن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون سنڌوسنئون ٿينديون، وزيراعظم ۽ ڪور ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته پنجاب ۾ شهرن ۽ ضلعن جي ميئرز جي ??ونڊ سڌوسنئون ٿيندي، وزيراعظم پهرين ڏينهن کان ڊائريڪٽ ڊيموڪريسي جو واعدو ڪيو هو، ان ڏس ۾ تياري حتمي مرحلن ۾ آهي. هن چيو ته وزيراعظم پوري پارٽي کي هدايت ڪئي ??هي ته اها مقامي حڪومتن جي ??ونڊن جي لاءِ متحرڪ ٿئي، پنجاب جي ضلعن ۾ نامزدگي جو سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون، اهڙي طرح خيبرپختونخواهه ۾ مقامي حڪومتن جي ??ونڊن جي لاءِ مهم شروع آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اليڪشن ڪ??يشن پاران اعظم سواتي ۽ مُون کي موڪليل نوٽيسز زيادتي تي ٻڌل آهن، جنهن کي فوري واپس ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل ڳالهائيندي چيو ته اعظم سواتي ۽ چوڌري فواد حسين کي اليڪشن ڪ??يشن پاران نوٽيس تي پوري ڪور ڪميٽي ڳڻتي ظاهر ڪئي ??هي، جمهوري ملڪن ۾ جمهوري رويا اهڙي طرح ناهن هوندا. هن چيو ته وزيراعظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ قوم کي اقتصادي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندو ۽ مهانگائي ??ي حوالي سان پئڪيج جو اعلان ڪ??دو.