اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ا??تمام هيٺ خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي خصوصي تقريب اڄ جمعي تي پارليامينٽ ۾ منعقد ٿيندي، خصوصي طور تي ا??ل ماڻهن جو عالمي ڏينهن گڏيل قومن جي عالمي ٿيم ”ڪورونا وبا کانپوءِ خصوصي ماڻهن جي قيادت ۽ شرڪت کي يقيني بڻائڻ ۽ انهن لاءِ پهچ جوڳي دنيا جو قيام“ تحت ملهايو پيو وڃي. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ڪووڊ – 19 جي دوران خصوصي ماڻهن کي درپيش چئلينجز ۽ ان جي جامع ۽ پائيدار حل کي يقيني بڻائڻ ۽ معاشري تي خصوصي ماڻهن جي سلسلي ۾ لاڳو اسان جي ذميدارين ??ابت شعور اجاگر ڪرڻ آهي ته جيئن انهن جي زندگين ۾ مثبت تبديليون آڻي سگهجن. ان خصوصي تقريب جي ا??عقاد جي موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران خصوصي طور تي ا??ل ماڻهن جي لاءِ کنيل قد??ن ۽ پارليامينٽ هائوس جي عمارت کي پهچ جوڳي بڻائڻ، قومي اسيمبلي جي ويب سائيٽ کي نور ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ پڙهڻ ۽ ٻڌڻ جي قابل بڻائڻ ۽ آئين پاڪستان کي بريل رسم الخط ۾ ترتيب ڏيڻ جي قد??ن جو افتتاح ڪندو. اهي قد?? خصوصي ماڻهن کي درپيش مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ، انهن جي اعتماد ۾ اضافي سان گڏوگڏ کين معاشري ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. خصوصي ماڻهن جي ڏينهن جي تقريب جو انعقاد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ کين ملڪ جو ڪارآمد شهري بڻائڻ جي لاءِ کنيل قد??ن جي ڪڙي آهي. اسپيڪر خصوصي طور تي ا??ل ماڻهن جي بنيادي حقن جي تحفظ ۽ موجوده قانونن تي نظرثاني لاءِ قانونسازي جي ذريعي ڊگهي مدي وارن سڌارن لاءِ ڪوشان آهي. خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته خصوصي طور تي ا??ل ماڻهو بي پناهه صلاحيتن جا مالڪ هوندا آهن ۽ کين ??عليم ۽ روزگار سميت بنيادي سهولتن جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته هو عام شهرين ??ي طرح ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي معاشري جو ڪارآمد شهري بڻائڻ ۽ انهن جي صلاحيتن مان مستفيد ٿيڻ لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ۽ انهن سان تعاون ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان جو چوڻ هو ته خصوصي ماڻهن کي سمورين ??نيادي سهولتن جي فراهمي موجوده حڪومت جي ا??لين ??رجيحن ۾ شامل آهي ۽ حڪومت انهن کي زندگي جي هر ميدان ۾ هڪجهڙي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قد?? کڻي رهي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪرخصوصي ماڻهن جي مسئلن جي حل ۽ ان سلسلي ۾ قانونسازي ڪرڻ لاءِ خصوصي پارلياماني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي خصوصي طور تي ا??ل ماڻهن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ کين ??نا فرق جي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ قابل ذڪر تجويزن ۽ پاليسيون جوڙيون آهن جيڪي خصوصي ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ قانونسازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون. تقريب کي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي ا??م خطاب کانسواءِ قومي اسيمبلي ميمبر/ چيمپئن ڪامن ويلٿ پارليامينٽرينز خصوصي ماڻهو ظل هما، ظله قيصر، ايگزيڪيٽو ڊائريڪ??ر اسپيشل ٽيلنٽ ايڪسچينج پروگرام محمد عاطف شيخ، يو اين ??يف پي ا?? جو پاڪستان لاءِ نمائندو ڊاڪٽر باختير قادروف ۽ ٻيون اهم شخصيتون به خطاب ڪنديون. ان موقعي تي خصوصي دستاويزي فلم به ڏيکاري ويندي.