مل??ان – 10 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪس??ان هڪ ذميدار ملڪ آهي ان کي خطي ۾ پنهنجي ذميداري جو ڀرپور احساس آهي ۽ هتي رهندڙن جي اڪثريت اعتدال پسند آهي، سيالڪوٽ سانحي جي مذمت ڪريون ٿا، عالم ۽ سمورن مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ طبقا به ان واقعي جي نه رڳو مذمت ڪن پر لاتعلقي جو اظهار ڪن، ه?? طبقو پاڪس??ان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوششن ۾ لڳل رهندو آهي، اهو پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو، آستانن مان سدائين محبت، رواداري، اخوت ۽ امن جو درس مليو آهي، عرس ۾ شرڪت ڪند?? زائرين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڍي کنڊ جي عظيم روحاني پيشوا حضرت شاهه رڪن عالم سهروردي ملتاني جي 708 هين سالياني عرس جي تقريب جي موقعي تي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته آئون عرس ۾ شرڪت ڪند?? زائرين کي خوش آمديد چوان ٿو ۽ انهن جي اوليا الله سان عقيدت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته ان پُروقار محفل ۾ سانحي سيالڪوٽ تي پنهنجو ۽ حڪومت پاڪس??ان جو موقف واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قرار واقعي سزا ملندي، اسان جو عدل جو نظام انهن ماڻهن کي سخت سزا ڏيندو.هن چيو ته ڪو به واقعو پاڪس??ان ۾ ٿيندو آهي ته هڪ مخصوص طبقو پاڪس??ان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ هو دنيا جي سامهون ابتڙ واقعا پيش ڪندو آهي اسان کي انهن کان محتاط رهڻو پوندو ۽ اهو پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو. هن چيو ته مون برسلز ۾ پاڪس??ان جو موقف واضح ڪندي چيو ته اهڙا واقعن جو نه ته اسلام ۽ نه ئي پاڪس??ان جو آئين ۽ قانون اجازت ڏي ٿو، هن چيو ته پاڪس??ان ۾ رهندڙن جي اڪثريت اعتدال پسند آهي ۽ سمورا مڪتب فڪر جي علماءِ مشائخ ۽ عام شهرين سيالڪوٽ واقعي جي ڀرپور مذمت ڪئي ڇو ته ڪو به معاشرو ۽ مذهب اهڙن واقعن جي اجازت نٿو ڏي.