اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلام آباد ايئرپورٽ جو دورو ڪيو، پرڏيهي وزير او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجل??س ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ مهمانن ۽ وفدن کي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو. سفير آفتاب کوکر پرڏيهي وزير کي ايئرپورٽ تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل اجل??س ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ ماڻهن جي سهولت لاءِ ک??يل قدمن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، پرڏيهي وزير اسٽيٽ لائونچ ۽ مهمانن جي آمد لاءِ ڪائونٽرز جو جائزو ورتو ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجل??س ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ معزز مهمانن جي لاءِ ک??يل قدمن کي ساراهيو، پرڏيهي وزارت سول ايوي ايشن ۽ ايئرپورٽ جا سينئر عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.