اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته باني پاڪستان قا??دا??ظم محم?? علي جناح پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جو ويزن ڏنو، وزيراعظم عمران خان قا??دا??ظم جي مشن جي نگهباني ڪري رهيو آهي، عمران خان اهڙو پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪو ماڊرن ۽ ترقي پسند ملڪ هجي ۽ اسلامي دنيا کي ليڊ ڪري. اها ڳالهه هن قا??دا??ظم محم?? علي جناح جي سالگرهه ۽ ڪ??سم?? جو ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته قا??دا??ظم محم?? علي جناح پاڪستان ۾ اقليتن جي حقن جي ??حف?? جو ويزن ڏنو، پاڪستان اقليتن جي حقن جي ??حف?? جي نالي تي ٺهيو. وزيراعظم عمران خان باباءِ قوم قا??دا??ظم محم?? علي جناح جي نقش قدم تي هلندي ملڪ کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ اسان نئون پاڪستان جي ڳالهه ڪريون ٿا ته هي اهو ئي خواب آهي جيڪو علامه محمد اقبال ڏٺو جنهن کي قا??دا??ظم محم?? علي جناح پڄاڻي تي پهچايو. هن چيو ته اسان جا سمورا قدم قا??دا??ظم جي سوچ جو عڪاس آهن، اهو ئي اهو پاڪستان آهي جنهن جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جدوجهد ڪري رهي آهي. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عامر محمود ڪياني ۽ سينيٽر سيف الله نيازي قا??دا??ظم محم?? علي جناح جي سالگرهه ۽ ڪ??سم?? جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي هنن قوم کي قا??دا??ظم محم?? علي جناح جي سالگرهه ۽ مسيحي برادري کي ڪ??سم?? جي مبارڪباد ڏني.