اسلام آب??د – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان اوپن فورم جي صدر ڊاڪٽر نويد شيرواني اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ چيئرمين ايس ٽي زيڊ اي عامر هاشمي ??ان گڏ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي بهترين ٽيڪ ??ونيورسٽين جي سهڪار سان سيمي ڪنڊڪٽر ۽ هائي ٽيڪ انڊسٽريز جي ترقي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن صنعتن جي ترقي لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا وڃن ته جيئن ٽ??ڪنالاجي جي علم سان ليس نوجوانن لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ ??وقعا پيدا ڪري سگهجن.