اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته دنيا ۾ امن يقيني بڻائڻ لاءِ قومن کي پنهنجي مفاد تي ٻڌل قانونن تي عملدرآمد بدران اخلاقيات تي ٻڌل ورلڊ آرڊر کي فروغ ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽرين سروسز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نوجوانن جو مستقبل روشن آه??، ملڪ کي مستحڪم ڪرڻ ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار آه??. هن چيو ته پاڪستان وٽ سنهري موقعو آه??، دنيا ٽيڪنالاجي ۾ تيزي سان ترقي ڪري رهي آه??، اسان فيصلاسازي ۾ سستي جو شڪار آه??ون، جڏهن ته دنيا جلدي فيصلا ڪري رهي آه?? جيڪڏهن پارليامينٽ سميت ٻيا فيصلا ساز ادارا فوري فيصلو نه ڪندا ته قوم ترقي نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان کي تيزي سان ٽيڪنالاجي جي ان رستي کي اختيار ڪرڻو پوندو، ترقي جو اهو واحد رستو آه??. هن چيو ته جنگ ۽ قتل عام جي تاريخ تمام پراڻي آه??، سڀني مذهبن امن جي تعليم ڏني آه??، ضد، انا ۽ ٻين جي خلاف بالادستي جي ڪري جنگ??ون ٿيند??ون آهن، يورپ ۾ جنگين کانپوءِ گڏيل قومون وجود ۾ آئي. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن ۾ ڀارت کڻي ويو، هن افسوس جو اظهار ڪيو ته دنيا وڏ??ون جنگ??ون ڏسڻ جي باوجود ان حقيقت کي نه سڃاتو ته جنگين کان بچڻ گهرجي، دنيا ۾ اخلاقيات ۽ همدردي جا قدر ختم ٿي رهيا آه??، هن چيو ته اسلام مذهب، رنگ ۽ ذات جي فرق کانسواءِ برابري جو سبق ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪستان وٽ عالمي موقعن مان فائدو کڻڻ جو سنهري موقعو آه??. هن چيو ته بيورو ڪريسي، پارليامينٽ ميمبرن ۽ دانشورن سميت پاليسي سازن تي اها وڏي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي ٽيڪنالاجي جي ترقي مان فائدو کڻڻ لاءِ پنهنجي ذميداري پوري ڪن. هن چيو ته فيڪ نيوز ڪمزور قومن تي حملي جي ذريعي جي طور تي استعال ڪئي وڃي ٿي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي جعلي خبرن کان پري رهن ۽ پنهنجي هدفن جي رخ تي ان جا م??في اثر پوڻ نه ڏين.