اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپار ۽ گڏيل رابطن ۾ اضافي جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان گڏيل قومن، او آءِ سي، ايس سي او ۽ اي سي او جهڙن علائقائي ۽ عالمي فورمن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي پرڏي??ي وزير مختار تلبردي وزيراعظم ??مر??ن خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قازقستان جي پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سيپٽمبر 2021ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سربراهه اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي صدر قاسم جومارٽ توڪايوف سان ملاقات جو ذڪر ڪندي پاڪستان جي ويزن سينٽرل ايشيا پاليسي کي ورجايو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ رابطن ۾ اضافي جي لاءِ تعاون کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ افغانستان سميت مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قازقستان جي پرڏي??ي وزير وزيراعظم ??مر??ن خان کي قازقستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ٻطرفي تعاون کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم گڏيل قومن، او آءِ سي، ايس سي او ۽ اي سي او جهڙن علائقائي ۽ عالمي فورمن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته هو هن سال جي آخر ۾ قازقستان جي صدر جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.