اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي علائقي آواران ويجهو ڪاهان ۾ سيڪ??ور??ي فورسز تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي. هن شهادت ماڻيند?? سرزمين جي بهادر فرزند ميجر شاهد بشير جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ ملڪ جي دفاع دوران زخمي ٿيندڙ سپاهي جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ سيڪ??ور??ي فورسز جي عزم کي ساراهيو.