اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) اسلام آباد ۾ سان??ڻي جي قومي سطح تي تياري بابت ڪانفرنس منعقد ڪئي. ڪانفرنس جو مقصد ماحولياتي تبديلين ۽ تازي گرمي جي سخت لهر کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي، صوبائي ۽ ٻين سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي تياري جو جائزو وٺڻ سان گڏ??گڏ سمورن ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ گڏ??ل تعاون کي بهتر بڻائڻ هو. ڪانفرنس جي صدارت اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ڪئي. ڪانفرنس ۾ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کانسواءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي اعليٰ عهديدارن سميت هٿياربند فوج، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، فيڊرل فلڊ ڪميشن، واپڊا، آبپاشي کاتي، ريلوي، اسپارڪو، ايف ڊبليو او، موسمياتي کاتي، گڏ??ل قومن جي ايجنسيز ۽ انساني امداد جي فلاحي ادارن/ تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي پاران سال 2022ع جو ساليانو سان??ڻي پلان پڻ جاري ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ماحولياتي تبديلين جي پاڪستان تي اثرن ۽ پاڪستان جي مختلف قدرتي آفتن خاص طور تي ٻوڏ ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وق?? سر قدمن ۽ مختلف ڌرين جي تياري ۽ گڏ??ل رابطي کي انساني ۽ مالي نقصانن کان بچڻ جي لاءِ لازمي قرار ڏنو. اين ڊي ايم اي چيئرمين اڳواٽ ۽ وق?? سر هنگامي اطلاع جي نظام، عام ماڻهن تائين معلومات جي پهچ ۽ آگاهي، معاشرتي سطح تي متحرڪ ٿيڻ ۽ ادارن جي وق?? سر ريسپانس تي زور ڏنو. اين ڊي ايم اي چيئرمين جو چوڻ هو ته اسان کي موسمياتي تبديلين ۽ انهن جي منفي اثرن کي پڻ نظر ۾ رکڻو آهي جيڪي خطي ۾ شديد گرمي جي لهر ۽ برفاني ڇپن جو پگهرجڻ اوچتو ٻوڏ جو سبب بڻجي رهيا آهن. سان??ڻي پلان جي حوالي سان ڳالهائيندي اين ڊي ايم اي چيئرمين آفتن کي منهن ڏيڻ جي نظام کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ ۽ وق?? سر الرٽ جاري ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪانفرنس ۾ شريڪ مختلف ادارن جي نمائندن محڪماڻي تيارين جي حوالي سان آگاهه ڪيو ۽ ڪنهن به اڻوڻن??ڙ صورتحال ۾ عوام جي جاني ۽ مالي نقصان کان بچاءُ جي لاءِ وق?? سر قدم کڻڻ جي عزم کي ورجايو.