اس??ام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي ٻن ??ختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري سا??س تعزي?? جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر اتر وزيرستان ۾ 23 مئي جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪ??و ۽ ساڻن افسوس جو اظهار ڪيو. صدر سپاهي رحيم گل ۽ سپاهي ظهور جي وارثن سان ٽليفون تي تعزي?? جو اظهار ڪيو. صدر 19 مئي تي ڏکڻ وزيرستان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار محمد سنور جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر پاڪ فوج جي شهيدن کي وطن تي جان نڇاور ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي بلند درجن ۽ پوئينرن لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي.