لاهور – 04 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي طور تي ??يرمعمولي صورتحال ۾ صنعتي ۽ درآمدي شعبي جي هر ممڪن مدد سان ئي پاڪستان جي برآمدي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ ۾ بهتر طور پيش ڪري سگهجي ٿو، رڳو گئس تي هلندڙ ڪارخانن جي لاءِ گئس لوڊشيڊنگ جي پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي ته جيئن برآ??دا?? جي پيداواري پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ معاون انڊسٽريل ۽ برآمدي شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ انرجي ڊويزن وار?? وفاقي وزير ??نجنيئر خرم دستگير، سيڙپڪاري بورڊ وار?? وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، ڪامرس وار?? وفاقي وزير ??يد نويد قمر، انڊسٽريز وار?? وفاقي وزير ??يد مرتضيٰ محمود، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ، قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي، قانون واري صوبائي وزير ملڪ احمد خان، لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن ۽ تيڪسٽائيل س??ڪٽ?? جي ناليوارين ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف انڊسٽريل ۽ خاص طور تي ٽيڪسٽائيل س??ڪٽ?? جي انرجي سپلائي جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي ??ل ڪرڻ جي لاءِ بزنس مين جي نمائنده گروپ کي لاڳاپيل وزيرن سان فوري طور تي ملاقات ۾ مسئلن تي ??فصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي انڊسٽريل ۽ برآمدي س??ڪٽ?? جي مسئلن جي جامع ۽ موزون قدمن ذريعي فوري حل ۾ پاڪستان جي معاشي بقاءَ لڪل آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته معاشي طور تي ??يرمعمولي صورتحال ۾ انڊسٽريل ۽ برآمدي س??ڪٽ?? جي هر ممڪن مدد سان ئي پاڪستان جي برآمدي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ ۾ بهتر طور پيش ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف رڳو گئس تي هلندڙ ڪارخانن جي لاءِ گئس لوڊشيڊنگ جي پاليسي تي نظرثاني جي هدايت ڪئي ته جيئن برآ??دا?? جي پيداواري پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي.