اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ممنوعه فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن ج?? فيصلي کي عمران خان ج?? ڏوهن ج?? تصديق قرار ڏيندي چيو آهي ته چور، ڪوڙو ۽ مني لانڊر آخرڪار 8 سالن کانپوءِ پڪڙيو ويو، عمران خان عالمي مني لانڊر ثابت ٿي چڪو آهي، هو صادق ۽ امين نه آهي، پارٽي چيئرمين ج?? عهدي تان فوري طور تي استعيفيٰ ڏي، عمران خان پاڪستان ج?? خلاف غيرملڪي سازشي منصوبو هو ۽ آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??و ته عمران خان ڪوڙو ۽ جعلساز آهي، ??ن تي اليڪشن ڪميشن مهر لڳائي ڇڏي آهي، عمران خان اسرائيل، ڀارت، آمريڪا، ڪئناڊا سميت ڪيترن ئي ملڪن کان ممنوعه فنڊنگ ورتي. هن چ??و ته عمران خان غيرقانوني فنڊنگ سان پاڪستان ۾ فتنو برپا ڪيو. عمران خان ڄاڻي واڻي 351 غيرملڪي ڪمپنين ۽ 34 غيرملڪين کان فنڊنگ ورتي ۽ جعلي ۽ ڪوڙو حلفيه بيان ج??ع ڪرايو. هن چ??و ته 13 غيرقانوني بئنڪ اڪائونٽس عمران خان پاڻ هلائيندو رهيو ۽ انهن کي اليڪشن ڪميشن کان لڪائيندو رهيو. عالمي فراڊين خيرات جي نالي تي پئسا گڏ ڪيا ۽ جعلسازي ڪئي. عمران خان ڄاڻي واڻي پنهنجي 4 ملازمن طاهر اقبال، محمد نعمان افضل، محمد ارشد ۽ محمد رفيق جي نالي تي پئسا گهرايا. هن چ??و ته چور ۽ مني لانڊر وڪيل بدلايا، اليڪشن ڪميشن کان ڀڳو ۽ ڪيترائي ڀيرا ڪيس روڪڻ جي لاءِ پٽيشنز داخل ڪيون. هن چ??و ته عمران خان عالمي مني لانڊر ثابت ٿي چڪو آهي. وفاقي حڪومت قانون م??جب اليڪشن ڪميشن ج?? فيصلي تي عملدرآمد ڪندي. هن چ??و ته عمران خان ان چوري جي ڪري اليڪشن ڪميشن تي حملا ڪري رهيو آهي.