اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پر??يهي وزارت جي اهتمام هيٺ 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀارتي قدمن جي خلاف جمعي تي پر??يهي آفيس کان پارليامينٽ هائوس تائين هڪ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، پر??يهي سيڪريٽري سهيل محمود، حريت ڪانفرنس ج?? اڳواڻ ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ريلي ۾ شرڪت ٿيا. ان کان اڳ واڪ ۾ شريڪ ٿيندڙن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ آيل جمون ۽ ڪشمير جي عوام سان گڏ يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ پر??يهي آفيس ۾ گڏ ٿيا. جنهن کانپوءِ پر??يهي آفيس ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان زاهد زمان جي ??لي نغمي کي جاري ڪيو ويو. ??لي نغمو ڪشميرين جي خودمختياري واري حق ۽ ڀارتي خوني چنبي کان آزادي جي جدوجهد مسلسل جاري رکڻ تي خ??اج تحسين پيش ڪيو. ڪشمير جي حوالي سان اهو ??لي نغمو زاهد زمان خصوصي طور تي تيار ڪيو آهي. ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن پر??يهي آفيس کان شاهراهه دستور کان ٿيندا پارليامينٽ هائوس پهتا. والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جي خلاف ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ڪشمير استحصال ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهايو پيو وڃي. پر??يهي وزارت مظلوم ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جي لاءِ اسلام آباد ءِ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ڪيترن ئي پروگرامن جو اهتمام ڪيو آهي.