اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب شهباز گل کي اسلام آباد پوليس جي حوالي نه ڪرڻ جي قدم کي توهين عدالت قرار ڏيندي چيو آهي ته ??مران خان ۽ پنجاب حڪومت عدالت جي واضح حڪم جي توهين ڪئي آهي، وفاقي پوليس جي جوابدار کي عمران خان جي حڪم تي پنجاب حڪومت اغوا ڪري رهي آهي، شهباز گل طبي طور تي بلڪل ٺيڪ آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ??مران خان جو شيطاني دماغي رويو ڪنهن قانون ۽ اداري ??ي نه ٿو مڃي، عمران خان 8 سالن تائين فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن مان ڀڄندو رهيو آهي. هن چيو ته ??مران خان ۽ پي ٽي آءِ عدالتن ۾ پنهنجي خلاف سمورن ڪيسن ۾ خلاف ورزي ڪئي، عمران خان نوٽيس جي جواب ۾ ايف آءِ اي کي رڪارڊ ۽ جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته ??ياسي مخالفن کي جعلي ڪيسن ۾ جيلن ۾ وجهندڙ عمران خان پنهنجو وارو اچڻ تي قانون جو باغي بڻجي ويو آهي، عمران خان ادارن جي اندر بغاوت جي ڪال ڏني آهي. هن چيو ته ??هباز گل جي ڪيس ۾ جاچ ٿي رهي آهي ته ??مران خان پنجاب حڪومت جي آءِ جي کي استعمال ڪيو، اهو سلسلو ڪالهه کان جاري آهي. هن چيو ته ??هو هوندو آهي ته ??ختيارن جو ناجائز استعمال، ان ??ي نه ته ??وهين عدالت جي پرواهه آهي ۽ نه ئي قاعدن ۽ ضابطن جي، عمران خان کي آئين ۽ ڪنهن قاعدي ۽ قانون جي ڪا پرواهه نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??مران خان چئي رهيو آهي شهباز گل کي اگهاڙو ڪري ماريو ويو جڏهن ته پنجاب جي قانون وارو وزير جڏهن شهباز گل سان ملي آيو ته هن ميڊيا آڏو چيو ته ??هباز گل بلڪل ٺيڪ ۽ فٽ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??هباز گل اڊيالا جيل ۾ وفاقي پوليس جو قيدي آهي، ڪو قانون اجا??ت نه ٿو ڏي ته پنجاب حڪومت خط لکي روبڪاري جاري ڪرائي. هن چيو ته ??دالت جو فيصلو اچي چڪو آهي، شهباز گل جو ريمانڊ ٿي ويو آهي، عدالت جي فيصلي تي پوري طرح عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته پنجاب حڪومت ۽ پرويز الاهي ??ن وقت فلڊ ايرياز ۾ نه ٿا وڃي سگهن پر شهباز گل جي روبڪاري جي لاءِ هن وقت پنجاب جي سي ايم هائوس ۾ قانون جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن.