اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ سٽيلن ??ي مدد تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيندي چيو آه?? ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ٻوڏ جهڙي مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاران امداد جي فراهمي کي دل جي گهراين سان ساراهي ٿي، ٻوڏ سان معيشت کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿو اٽڪل 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آه??، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ 4.6 ارب ڊالر ??ي موجوده ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آه??، پاڪ سعودي لاڳاپا گڏيل مذهب، قدرن ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آه??. هن چيو ته ٻئي ملڪ قيادت ۾ تبديلين کان هٽي ڪري مشڪل حالتن ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجها سياسي لاڳاپا آه??. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته موجوده واپاري ڪاٿو ٻنهي ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي گهرائي ??ي مڪمل عڪاسي نه ٿو ڪري، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ 4.6 ارب ڊالر ??ي موجوده ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ٻوڏ جهڙي مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاران فراهم ڪئ?? ويندڙ امداد کي دل جي گهراين سان ساراهي ٿي. صدر ٻوڏ متاثرين کي امداد پهچائڻ جي لاءِ فضائي پل فراهم ڪرڻ ۾ سعودي عرب ??ي مدد کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ پوري پاڪستان ۾ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪيو، ٻوڏ ۾ 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 10 لک کان وڌيڪ چوپائي مال جو نقصان ٿيو، ٻوڏ سان معيشت کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿو اٽڪل 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آه??. صدر اسلامي تعاون تنظيم ۾ فلسطين، ڪشمير ۽ افغانستان سان لاڳاپيل معاملا اجاگر ڪرڻ تي سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيو. صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي پڻ روشني وڌي. صدر اميد ظاهر ڪئ?? ته عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪرائڻ، گڏيل قومن جي قراردادن موجب مسئلي جي پر??من حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.