اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جاپاني ڪمپنين کي شمسي ت??انائي ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ت?? ملڪ ۾ شمسي ت??انائي سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي جي هنگامي بنياد تي شروعات ڪئي پئي وڃي، سرڪاري عمارتن، ڪاروباري مرڪزن ۽ ٽيوب ويلن کي شمسي ت??انائي ت?? منتقل ڪري قيمتي پرڏيهي ناڻو بچايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي معيشت، واپار ۽ انڊسٽري و??ري پارلياماني نائب وزير ستومي ريوجي جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ موجود جاپاني ڪمپنين جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ (بي او آءِ) واري وفاقي و??ير چوڌري سالڪ حسين، واپار واري وفاقي و??ير سيد نويد قمر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي و??ير سيد مرتضيٰ محمود، ناڻي و??ري مملڪتي و??ير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن کانسواءِ پاڪستان ۾ جاپان جو سفير وادامتسوهيرو به موجود هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان شمسي ت??انائي، پيئڻ جي صا?? پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جي نيڪالي ۽ گند ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي شعبن ۾ جاپاني سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان شمسي، ونڊ ۽ هائيڊل جهڙن قابل تجديد توانائي جي ذريعن مان فائدو کڻڻ طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي ڇو ته تيل، گئس ۽ ٻئي مهانگي ٻارڻ جي درآمد تي خرچ ٿيندڙ وڏو پرڏيهي ناڻو اسان جي معيشت تي ناقابل برداشت بار آهي. هن چيو ته پاڪستان شمسي ت??انائي سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي جي هنگامي بنيادن تي شروعات ڪري رهيو آهي، ان مقصد جي لاءِ حڪومت نه رڳو هڪ موثر سيڙپڪاري پلان تيار ڪري و??تو آهي پر سمورين ڌرين جي پري بڊ ڪانفرنس پڻ منعقد ڪئي و??ي آهي، شمسي ت??انائي جي ان منصوبي تحت سولر پارڪس لڳايا ويندا ۽ سرڪاري عمارتن، ڪاروباري مرڪزن ۽ ٽيوب ويلز کي شمسي ت??انائي ت?? منتقل ڪري ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچايو ويندو. وزيراعظم جاپاني ڪمپنين کي ان اهم منصوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي انهن کي هر طرح جي سهولت ۽ آساني جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) تحت ڪراچي ۾ پيئڻ جي صا?? پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جي ٽريٽمينٽ ۽ گند ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي منصوبن ۾ جاپاني ڪمپنين جي سيڙپڪاري جو پڻ خواهشمند آهي. وزيراعظم پاڪستان ۾ تازي تاريخي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ۽ قيمتي جانين جي زيان تي جاپان جي حڪومت ۽ عوام پاران همدردي جي جذبن ۽ 70 لک ڊالر جي مالي امداد تي ان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان موقعي ت?? پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪندڙ جاپاني ڪمپنين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن جي عملدارن جي ڪميٽي جوڙڻ جا پڻ حڪم جاري ڪيا.