اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت هڪ سال ۾ 5 ملين ڊالر جو برآمدي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر کي سهولتون فراهم ڪندي، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبي ۾ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي جنهن کي کولڻ جي ضرورت آهي، حڪومت ان کي ملڪ جو هڪ مضبوط شعبو بڻائڻ جي لاءِ درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سموريون سهولتون ۽ پاليسي مدد فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ انفارميشن ??يڪ??الاجي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي ترقي لاء?? هڪ ڀرپور حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ آءِ ٽي ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ??زي??اعظم چيو ته حڪومت آءِ ٽي جي شعبي جي توسيع ۽ ترقي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر کي هڪ سال جي اندر 5 بلين ڊالر جو هدف حاصل ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت انڊسٽري ليڊرز جي مشاورت سان هڪ ٺوس پئڪيج جي ذريعي پنهنجو ڀرپور تعاون فراهم ڪندي. ??زي??اعظم ناڻي واري وفاقي ??زي?? اسحاق ڊار کي چيو ته هو واشنگٽن مان واپسي تي ٽاسڪ فورس جو اجلاس طلب ڪري ۽ پاليسي سفارشون جوڙي. ??زي??اعظم چيو ته هي منصوبا آءِ ٽي ٽريننگ ۽ انڪيوبيشن سينٽرز، ڪال سينٽرز، ٽيلڪوز، خودمختيار ??يڪ??الاجي پارڪس (ايس ٽي پي)، سافٽ ويئر هائوسز ۽ فري لانسنگ جي ڪم کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جاري آهن ته جيئن ان اميد جوڳي سروس سيڪٽر کي تيزي سان ترقي ڏئي سگهجي. ??زي??اعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اٽڪل 40 هزار آءِ ٽي پروفيشنلز جي افرادي قوت سان پاڪستان جو آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جو شعبو ترقي ڪري رهيو آهي. اها 2.6 بلين ڊالر جي سالياني آءِ ٽي روانگي واپار سان فري لانسرز جي چوٿين سڀ کان وڏي مارڪيٽ ۽ ايمازون تي سڄي دنيا ۾ ٽيون سڀ کان وڏو ري سيلر آهي، ملڪ ۾ وڌندڙ موبائيل فون مينوفيڪچرنگ جي صلاحيت سان ان جا اٽڪل 195 ملين موبائيل فون صارفين آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ان جي مڪمل ترقي جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ پاڪستان کي دنيا ۾ آءِ ٽي آئوٽ سورسنگ حب طور پيش ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي جي برآمدات جي سمورن امڪاني جاين خاص طور تي نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي خطي ۾ ان جي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڀرپور مارڪيٽنگ مهم جي سخت ضرورت آهي. وڌيڪ اهو ته آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ، ايف بي آر ۽ ايس ا?? سي پي جي ضابطن کي آسان بڻائڻ جي لاء?? هڪ ٺوس پئڪيج پڻ وقت جي ضرورت آهي. ??زي??اعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ملڪ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي فروغ ۽ ترقي جي لاءِ امڪاني قدم کڻن. اجلاس ۾ آءِ ٽي واري وفاقي ??زي?? سيد امين الحق، ناڻي واري وفاقي ??زي?? اسحاق ڊار، ناڻي واري مملڪتي ??زي?? ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، ??زي??اعظم جي صلاحڪار احد چيما، نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شيزه فاطمه خواجه، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.