اسلام آباد– 14 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ملڪ ۾ چيني ڪارڪنن، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ لاءِ پنهنجي ڀرپور عزم کي ورجايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئرز تي گذريل سال ??هشتگرد حملي جي فيصلي جي حوالي سان هڪ سوال ??ي جواب ۾ چيو ته اسان لاڳا??يل عدالت جي ٻڌايل فيصلي ۽ مقامي پوليس پاران جاري ڪيل تفصيل نوٽ ڪيا آهن. ترجمان هڪ بي??ن ۾ چيو ته جيتوڻيڪ مخصوص سوال لاڳا??يل عملدارن کي موڪلي سگهجن ٿا پر ان معاملي ۾ فعال ??اچ، استغاثه ۽ فيصلي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان هڪ ڀيرو ٻيهر متاثرين جي گهرڀاتين سان گهري تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪست??ن ۾ چيني ڪارڪنن، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت جي لاءِ پرعزم آهيون. بي??ن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيدار?? کي دشمن قوتون ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن.