استنبول – 26 – نومبر (اي پ?? پي) پاڪستا?? ۽ ??رڪيه سياحت جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ خاص طور تي پاڪستان جي سامونڊي علائقن، سنڌ، پنجاب ۽ اترين علائقن ۾ سياحت جي فروغ ۽ گڏيل منصوبن، سياحت جي لاءِ سامونڊي جهاز ۽ ٻيڙيون هلائڻ جي امڪانن جي تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهبا?? شريف کي ترڪيه جي واپار واري وزير ڊاڪٽر محمد موس سياحت جي شعبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهبا?? شريف کي بريفنگ جي لاءِ سامونڊي سفر پڻ ڪرايو ويو. وزيراعظم شهبا?? شريف کي ترڪيه جي وزير پنهنجي حڪومت جي سياحت بابت پاليسي تي بريف ڪيو. پاڪستاني سيڙپڪارن جي لاءِ ترڪيه ۾ بزنس جي موقعن کان پڻ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ترڪيه جي سياحت جي شعبي سان لاڳاپيل ڪمپنين جا سربراهه پڻ موجود هئا. ان موقعي تي پاڪستا?? ۽ ??رڪيه ۾ سياحت جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان جي سامنڊي علائقن، سنڌ، پنجاب ۽ اترين علائقن ۾ سياحت جي فروغ ۽ گڏيل منصوبن جي امڪانن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سياحت جي لاءِ سامونڊي ۽ ٻيڙيون هلائڻ جي امڪانن جي تجويزن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.