لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ??نج??ب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي صدارت ۾ وزيراعليٰ آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ خصوصي ماڻهن جي ??اء?? سهولتن جي فراهمي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ??نج??ب ۾ خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جي ??اء?? نادرا سان حصيداري جو فيصلو ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اکين کان محروم ۽ ٻين معذوري وارن ماڻهن جي صحيح ڊيٽا جمع ڪرڻ ضروري آهي، صحيح ڊيٽا هوندي ته خصوصي ماڻهن جي ڀلائي جي ڪمن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهبو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي عام اسڪولن ۾ به خصوصي ماڻهن جي تربيت جي حوالي سان جدا ٽيچرز مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته خصوصي ٻار خصوصي صلاحيتون رکندڙ هوندا آهن ۽ تربيت سان انهن جون صلاحيتون نکري سگهن ٿيون. هن چيو ته بازارن ۽ مارڪيٽنگ ۾ ريمپس ٺاهي خصوصي ماڻهن جي ??اء?? سهولت فراهم ڪري سگهجي ٿي. نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد سان خصوصي ماڻهن کي تمام گهڻو ريليف ملندو. خصوصي ماڻهن ڪيترن ئي ميدانن ۾ پنهنجي صلاحيتن ذريعي نمايان مقام حاصل ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف عليو چيو ته وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي قيادت ۾ ??نج??ب حڪومت جي خصوصي ماڻهن جي ??اء?? موثر قدم ساراهه جوڳا آهن. چوڌري پرويز الاهي چيو ته 2003ع ۾ مون خصوصي ماڻهن جي ??اء?? جدا کاتو ٺاهيو آهي. ??نج??ب ۾ خصوصي ماڻهن جي ??اء?? 170 ادارا قائم ڪيا ۽ خصوصي ٻارن جي ??اء?? فري ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي. ??نج??ب حڪومت خصوصي ماڻهن جي ??اء?? نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪئي آهي، ??نج??ب جي سمورن ادارن ۾ اکين کان محروم ۽ ٻين معذوري وارن ملازمن جي ??اء?? ڪنوينس ا??ائونس وڌايو آهي. ??نج??ب حڪومت نئين بسلن ۾ به خصوصي ماڻهن جي ??اء?? جدا سيٽون مخصوص ڪري رهي آهي. ان موقعي تي سوشل ويلفيئر سيڪريٽري صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي خصوصي ماڻهن جي بحالي، تربيت، رجسٽريشن ۽ سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. سوشل ويلفيئر واري صوبائي وزير غضنفر عباس ڇينا، اڳوڻي وفاقي وزير مونس ا??اهي، ايم اين اي حسين الاهي، چيف سيڪريٽري عبيدالله سنبل، وڏي وزير جي پرنسپل ??يڪريٽري علي محمد خان ڀٽي، سيڪريٽري سوشل ويلفيئر، سيڪريٽري اسپيشلائيزڊ هيلٿ ڪيئر اينڊ ميڊيڪل ايجوڪيشن ۽ لاڳاپيل عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.