اسلام آباد– 17 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي العربيه ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو جي حوالي سان وزيراعظم آفيس جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته وزيراعظم تسلسل سان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي پنهنجي ٻطرفن مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪش??ير جو بنيادي مسئلو ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪر?? گهرجي جڏهن ته وزيراعظم ڪ??تر??ئي ڀيرا رڪارڊ تي چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني قدم کي واپس نه ٿو وٺي، ان غيرقانوني قدم کي رد ڪر?? کانسواءِ ڀارت سان ڳالهه ٻولهه ممڪن نه آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري وضاحتي بيان موجب ڪش??ير جي مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته وزيراعظم پنهنجي گڏيل عرب امارات جي دوري دوران العربيه نيوز چينل کي انٽرويو ڏيندي اهو موقف بلڪل واضح ڪيو.