اسلام آباد– 19 – جن??ري (اي پي پي) پاڪستان روس جي بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جي واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ فني تعاون جو اٺون اجلاس اڄ جمعي ڏينهن اسلام آباد ۾ پڄاڻي تي پهچندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ٻڌايو ته ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ پاڪستان پاران آءِ جي سي ج?? گڏيل صدارت اقصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق جڏهن ته روسي وفد جي قيادت توانائي واري وزير نڪولائي شولگينوف ڪري رهيو آهي. آءِ جي سي هڪ جامع ٻطرفو مڪينزم آهي ج??ڪو گڏيل تعاون جي اهم مسئل?? بشمول واپار، سيڙپڪاري، صنعت، ريلوي ۽ توانائي تي بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ پليٽ فا??م فراهم ڪري ٿو. آءِ جي سي آخري ڀيرو نومبر 2021?? ۾ ??وس ۾ منعقد ٿيو هو. آءِ جي سي ج?? جاري اجلاس 20 جن??ري تي پڄاڻي تي پهچندو.