پشاور – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليڊي ريڊنگ اسپتال (ايل آر ايڇ) پشاور جو دور?? ڪيو، جتي هن پوليس لائينز جي مسجد ۾ ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. صدر اسپتال جي مختلف وارڊز جو دور?? ڪيو ۽ زخمين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ته انهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ص??ر سان گڏ خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير محمد اعظم خان به هو. صدر ز??مي پوليس اهلڪارن جي حوصلي کي ساراهيندي ان عزم کي ورجايو ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون. هن ڌماڪي جي زخمين جي جلد صحتياب?? لاءِ دعا ڪئي.