اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي عورت ??فا??تڪارن کي پنهنجي ملڪن جي نمائندگي ڪندي بهترين خدمتون سرانجام ڏيڻ ۽ پاڻ کي پيشيواراڻي مهارت جي علامت ثابت ڪرڻ تي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي عورت ??فا??تڪارن شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير چيو ته ??فا??تڪاري جي شعبي ۾ پاڪستان جي عورتن اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن ۽ اهي ملڪ جي ترقي ۾ ڀرپور حصو وجهي رهيون آهن. هن چيو ته انهن خدمتن ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪ??دار ادا ڪيو آهي ۽ وڌيڪ اهو ته پاڪستان جون عورتون سدائين نوان معيار قائم ڪ??ڻ جي لاءِ تيار آهن. هن ملڪ جي خدمت ۾ عورت پاڪستاني ??فا??تڪارن جي شاندار خدمتن جو اعتراف ڪيو جيڪي روايتي جوش، جذبي ۽ محنت سان پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ ڪم ڪ??ي رهيون آهن. عورت ??فا??تڪارن پينل مباحثي ۾ پنهنجي ملڪن جي لاءِ انهن پاران ادا ڪيل اهم ڪ??دار تي روشني وڌي. بحث ۾ حصو وٺندڙن ۾ پاڪستان ۾ مالديپ جي هاءِ ڪمشنر فرزانه ظاهر، آسٽريا جي سفير اي??ڊرياوڪ، پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا، چين جي ناظم ا??امور پينگ چنڪسو ۽ فلپائن جي ناظم ا??امور ماريا اگنيس شامل هيون. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته ان جي وزارت جو 45 سيڪڙو حصو عورتن تي ٻڌل آهي جيڪي پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ مثالي پيشيواراڻي مهارت جو مظاهرو ڪري رهيون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ملڪ جي 51 سيڪڙو عورت آبادي کي هڪ قابل قدر افرادي قوت ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته عورتن جو ڏينهن ملهائيندي عورتن کي ترقي جي منزل طئي ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪ??ڻ تي مردن جي تعاون تي ٻڌل ڪردار جو پڻ اعتراف ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ۽ ڊائريڪٽر ايشيا بحرالڪاهل ممتاز زهره بلوچ پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ انهن عورت ??فا??تڪارن کي ساراهيو جن پنهنجي ملڪن جي لاءِ جوش ۽ جذبي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي ??فا??تڪاري جي شعبي ۾ نئين بلندين تي پهچڻ ۽ عالمي سطح تي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ تي پاڪستاني عورتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.