راولپنڊي- 25 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ يوم تڪريم شهدا پاڪستا?? جي مرڪزي تقريب منعقد ٿي جنهن جو خاص مهمان آرمي چيف جنرل عاصم منير هو. تقريب ۾ پاڪ فضائيه، پاڪ بحريه جي سربراهن، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ آفيسر به شريڪ ٿيا جنهن ۾ اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه، اڳوڻو چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل نديم رضا ۽ ٻين رٽائرڊ آفيسرن، چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا ع??دا??خبير آزاد، مفتي منيب الرحمان، قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مشهور شخصيتن ۽ شهيد?? جي وارثن شرڪت ڪئي. تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو جنهن کانپوءِ قومي تراني جي ڌن وڄائي وئي. آرمي چيف جنرل عاصم منير شهيد?? جي يادگار تي حاضري ڀري، گل رکيا، فاتحه خواني ۽ شهيد?? جي درج?? جي بلندي لاءِ دعا ڪئي، جڏهن ته نيوي ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهن، اعليٰ فوجي ۽ پوليس آفيسرن به شهيد?? جي يادگار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. تقريب ۾ موجود شهيد?? جي وارثن ۽ اسڪول جي ٻارن شهيد?? جي يادگار تي گل رکيا.